خواجه  محڪم الدين سيراني جي درگاهه

خواجه محڪم الدين سيراني جي درگاهه

خواجه محڪم الدين سيراني

خواجه محڪم الدين سيراني: خواجه محڪم الدين سيراني 1137هه /1725ع پاڪ پتڻ کان 16 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع ڳوٺ محب عليءَ ۾، کـرل قبيـلـي ۾ پيدا ٿيو. سندس اصل نالو محمد عبدالله هو. روحاني فيض پنهنجي سئوٽ خواجه عبدالخالق کان ورتائين، جيڪو خواجه اويس قرنيءَ جي اويسي سلسلي جو هو. ٻارهن سالن جي عمر ۾ ديني تعليم مڪمل ڪري پنهنجي مرشد سان گڏ دهليءَ روانو ٿيو، جتي پنهنجي تعليم مڪمل ڪيائين. ذڪر ۽ فڪر جي لحاظ کان پاڻ سلسله قادريه حنفيه سان لاڳاپيل هو. سڄي زندگي اڪيلو رهيو ۽ شادي نه ڪيائين.
خواجه محڪم الدين سيراني، سدائين سير ۽ سفر ۾ رهندو هو ۽ مرشد جي حڪم جي تعميل ڪندي ڪٿي به هڪ رات کان وڌيڪ نه ٽڪيو، ان ڪري کيس ’سيراني‘ ۽ ’صاحب السير‘ سڏجي ٿو. دنياوي شين کان پري رهڻ ڪري کيس ’سلطان التارڪين‘ به چيو ويندو آهي. سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ سندس مجلسن ۾ سماع ٿيندو هو. سنڌ ۾ درگاهه مڪان شريف (موجوده تعلقو ٽنڊو الهيار) جي بزرگ مخدوم عبدالحميد ٻوچڙائيءَ جي خدمت ۾ ڪجهه عرصو رهيو ۽ ڪرڙ جي هڪ وڻ هيٺان هڪ جهوپڙي ٺاهي ذڪر فڪر ۾ رهيو. ان جهوپڙي واري هنڌ کي اڃا تائين ’خانقاهه‘ سڏيو وڃي ٿو، جيڪو پنجاب ۾ سندس درگاهه واري علائقي جو به نالو آهي.
ڪاٺياواڙ ۾ دهرا جي بندر وٽ 6 ربيع الثاني 1197هه/ تي حافظ ڪوڪي نالي شخص کين زهر ڏئي شهيد ڪيو. سندس عمر 60 سال هئي. دهراجي ۾ سندس شهادت جي جاءِ تي به سندس درگاهه قائم آهي. سندس مزار خانقاه ضلع بهاولپور ۾، سمه سٽه کان اوڀر طرف ٻن ميلن جي فاصلي تي آهي، جتي سندس عاليشان مقبرو ۽ درگاهه ٺهيل آهي، جتي هر سال 5 ربيع الثاني تي عرس ٿيندو آهي. موجوده گادي نشين ميان صلاح الدين اويسي آهي.


لفظ خواجه محڪم الدين سيرانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو